سنڌي- انگريزي ڊڪشنري

سنڌي- انگريزي ڊڪشنري

سنڌي انگريزي ڊڪشنري

سنڌي- انگريزي ڊڪشنري: هي مقبول لغت سنڌ جي اوائلي لغتن ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن جو مرتب مشهور عالم پرمانند ميوارام آهي. هن ڊڪشنريءَ جو پهريون ڇاپو 1910ع ۾ڇپيو، جنهن جي پيش لفظ ۾ پرمانند ميوارام اهو ڄاڻايو هو ته 1904ع ڌاري سندس دوستن ۽ گهڻ گهُرن کيس مشورو ڏنو ته سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي لغتون تيار ڪرڻ کپن. جنهن بعد هن عرق ريزيءَ سان محنت ڪري نه رڳو سنڌي- انگريزي ڊڪشنري جوڙي تيار ڪئي، بلڪ 1933ع ڌاري انگريزي-سنڌي لغت به جوڙي. هن لغت جي تياريءَ دوران جن ساٿين سندس مدد ڪئي، تن ۾ ديوان روچيرام گجو مل هو، جنهن پنهنجو انگريزي- سنڌي لغت وارو سمورو قلمي مواد کيس مهيا ڪيو، ان کان سواءِ هن مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند، سهجرام ٽهلرام کان به مدد ورتي، جن جا هن ٿورا مڃيا آهن. هن سنڌي- انگريزي لغت جو ٻيو ڇاپو 1976 ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيو. جنهن ۾ 664 صفحا ۽ ضميمو شامل آهي. ٻئي ڇاپا ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل آهن ۽ ان جي قيمت 60 روپيا آهي.


لفظ سنڌي انگريزي ڊڪشنريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو